ڇپر واگا دڙو

ڇپر واگا دڙو (Chappar waga Mound): 4000 ق.م جو ڪٿيل هيءُ ماڳ اتر اوڀر بلوچستان ۾ ڇپر واگا ڳوٺ ۾ موجود آهي. هيءُ ڳوٺ راکاني ڳوٺ کان اٺن ڪلوميٽرن جي فاصلي تي، دڙي جي اولهه ۾ ضلعو ديرا غازي خان آهي. دڙو 200 فٽ ڊگهو، 130 فٽ ويڪرو ۽ 30 فٽ اوچو آهي. دڙو ڇپر واگا ڳوٺ جي وچ تي بيٺل آهي. هن وقت اهو دڙو زرعي زمين جي والار هيٺ آهي. پر ماڳ جي اُڀرندي ڪنڊ وٽ ٻن پراڻن گهرن جي رهتن جا نشان اڃا موجود آهن. جاگرافيائيءَ طور هيءُ ماڳ اهڙي مشهور هنڌ تي آهي، جتان هڪ وڏي شاهراهه گذري ٿي، جيڪا سنڌ ۽ بلوچستان کي ڳنڍي ٿي.
هتان مٿاڇري تان ملندڙ ٺڪراٺو ڳاڙهي يا ميٽوڙي رنگ جو آهي، جنهن تي ليڪون ڏنل آهن. ٺڪر سادو به مليو آهي ته چٽيل به. چٽ گهڻو ڪري ڪاري رنگ جا آهن؛ ڪي ٿورا چٽ ناسي رنگ جا به ملن ٿا. ٺڪر تي نقش اهي ئي آهن جيڪي بلوچستان جي اڳ تاريخي ماڳن تان مليا آهن. خاص ڪري توگو (tagua) ٺڪر جي نموني وارو سنڀير (Friezed) سنڱ گهڻو ڌيان ڇڪائي ٿو. اهو چٽ اڪثر پيالن جي ٽڪرن تي ملي ٿو. ٺڪر تاگو ماڳ وٽان جيڪو سراب ماٿريءَ، وچ بلوچستان مان مليو آهي. ان کان سواءِ هتان ٺڪر تي ملندڙ چٽ جو نمونو لورالائي، ڪوئيٽا ماٿريءَ جي اتر پاسي وارن ماڳن ۽ وچ بلوچستان وارن ماڳ مان ملندڙ ٺڪراٺي جي چٽن وانگر آهي. انهن چٽن کي لورالائي ڌار (Loralai striped) ۽ ڪلي گل محمد وارو ڳاڙهي تي ڪارو (Black- on Red) ۽ ڪوئيٽا ويٽ ويئر ڪري سڏيو وڃي ٿو. ٺڪراٺي کان سواءِ ڪٿي ڪٿي پٿر جي ڀتين جا نشان به ملن ٿا. ماڻهن وڏن پٿرن سان ٻاهرين ڀت به ٺاهي آهي ۽ جنهن جا اهڃاڻ به بيٺا آهن.
هاڻوڪي دور ۾ ملندڙ ٺڪراٺي جا گل چٽ ٻڌائين ٿا ته هن ماڳ جو واسطو انهن ماڳن سان رهيو هوندو، جيڪي الهندي ۽ وچ بلوچستان ۾ مليا آهن. هي به اوائلي سنڌو تهذيب جي ماڳن ۾ شمار ٿئي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو